رتيش سڌواڻي

رتيش سڌواڻي

رتيش سڌواڻي

رتيش سڌواڻي: بالي ووڊ جو سنڌي فلم پروڊيوسر، جنهن جو جنم 1971ع ۾ ممبئيءَ ۾ چند سِڌواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس شهرت جو سبب سندس 2001ع ۾ ٺاهيل مشهور فلم ’دل چاهتا هئي‘ آهي. ان کانسواءِ رتيش جون ٻيون پيش ڪيل فلمون آهن: لڪشيا، ڊان، راڪ آن، لڪي باءِ چانس، گيم، زندگي نه ملي گي دوباره، ڊان-2. سندس آخري فلم ’تلاش‘ تازو 2012ع ۾ رليز ٿي آهي. سندس فلمن مان ’دل چاهتا هئي‘ کي فلم فيئر اوارڊ ۽ بيسٽ فيچر فلم آف هندي جا اوارڊ مليا.
رتيش سڌواڻيءَ کي ٻن ٻارن جو اولاد آهي. هن وقت ممبئيءَ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو